حيدرآباد: (ن س) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو اجلاس رهبر ڪميٽي جي سربراھ نواز خان زئور جي صدارت هيٺ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي ٿي گذريو. اجلاس ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم شهيد بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جست چيئرمين شبير جمالي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ 17جنوري 2026 تي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران گڏيل طور ملهائي ويندي. اجلاس ۾ نواز خان زئور جو ڪنوينرشپ جو مدو پورو ٿيڻ تي اتفاق راء سان رهبر ڪميٽي جو نئون ڪنوينر جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو کي چونڊيو ويو.اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشني ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي 73جي آئين کي مجموعي طور قومن جو قاتل آئين سمجهي ٿي. رهبر ڪميٽي اها ڳالهه به واضع ٿي ڪري ته 73جي آئين ۾ اهڙي ڪابه نئين ترميم يا واڌارو قبول نه ڪندي، جنهن تحت سنڌ جي پيداوار جا ذريعا سڌو سنئون مرڪز جي قبضي ۾ اچن ۽ سنڌ جي وحدت ۽ انتظامي جوڙجڪ بابت ڪو نئون لائحه عمل اختيار ڪيو وڃي. جنهن سان سنڌ جي ورهاست جا رستا هموار ٿين، اهڙي ڪنهن به رٿا کي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي قبول نه ڪندي ۽ ان خلاف سياسي مزاحمت ڪندي. رهبر ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 15ڊسمبر تي ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره جي جلسي جا تفصيل طئي ڪيا ويندا.اجلاس ۾ جيل جي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو ته جيل ۾ سياسي قيدين سان ناروا سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو بند ڪري قيدين کي جيل مينوئل موجب سهولتون ڏنيون وڃن. اجلاس ۾ پنهل جمالي، پنهل ساريو، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، قادربخش زئور، ستار نارو، راول ڪرناڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










