جڏهن به آئين معطل ٿيو ته وڪيلن مزاحمت ڪئي آهي

جڏهن به آئين معطل ٿيو ته وڪيلن مزاحمت ڪئي آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته جنهن به آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وڪيلن غير قانوني قدم جي مزاحمت ڪئي.عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي خطاب ۾، هن چيو ته بار ايسوسيئيشن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ وڪيلن هميشه آئين ۽ جمهوريت جي بالادستي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن.پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ رضا رباني چيو ته وڪيلن مشرف ۽ ايوب جي غير قانوني ڪاررواين خلاف به وڙهيو.هن چيو ته بار ايسوسيئيشن ڪڏهن به سياسي پارٽين کي استعمال نه ڪيو آهي، پر موجوده بار ايسوسيئيشن جي قيادت جو ڪردار سول بالادستي لاءِ نظر نٿو اچي.رضا رباني چيو ته بيان ايندا رهندا آهن، پر ماضي جي برعڪس، قيادت جو واضح موقف سامهون نه اچي رهيو آهي.اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته آئين ۾ ڪيتريون ئي غير ضروري ترميمون ڪيون ويون ۽ اهي آئيني ترميمون ججن جي منتقلي ۽ ججن جي مقرري جي حوالي سان ڪيون ويون.هن چيو ته جيڪو جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو ويو آهي ان ۾ عدالتي ميمبرن جو تعداد گهٽ آهي ۽ وفاقي قانون واري وزير جو جوڊيشل ڪميشن ۾ هجڻ غير ضروري آهي.رضا رباني اهو به چيو آهي ته منهنجو خيال آهي ته آئين ۾ وڌيڪ ترميمن جي ضرورت ناهي، 28 هين آئيني ترميم جي ڪا ضرورت ناهي، ۽ جيڪڏهن 28 هين آئيني ترميم ڪئي وئي ته آئين جي جوڙجڪ وڌيڪ متاثر ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو