جلال پور، ٻڏل ٻيڙي جا 2 لاش هٿ، 2 ڄڻا ريسڪيو

جلال پور، ٻڏل ٻيڙي جا 2 لاش هٿ، 2 ڄڻا ريسڪيو

ملتان(ويب ڊيسڪ) جلال پور پير والا ۾ خانگي ٻيڙي ٻڏڻ جي واقعي ۾ ٻه وڌيڪ لاش هٿ ڪيا ويا آهن.جلال پور پير والا ۾ ٻه ڏينهن اڳ هڪ خانگي ٻيڙي ٻڏي وئي، جنهن ۾ 28 ماڻهو سوار هئا.ريسڪيو اهلڪارن فوري ڪارروائي ڪندي 19 ماڻهن کي بچايو ۽ ٻڏل پنجن ماڻهن جا لاش ڪڍيا.ريسڪيو موجب، ٻيڙي حادثي ۾ ٻڏل ٻن وڌيڪ ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جنهن سان فوتين جو انگ ست ٿي ويو آهي.اختيارين موجب، حادثي ۾ بچي ويل ٻن ماڻهن هڪ وڻ ۾ پناهه ورتي هئي ۽ هاڻي انهن کي بچايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو