آن لائن فراڊ ۾ ملوث شڪي جوابدار گرفتار

آن لائن فراڊ ۾ ملوث شڪي جوابدار گرفتار

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) آن لائن فراڊ ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو سيڪيورٽي ايجنسين کي جعلي ڊيٽا فراهم ڪندو هو. اين سي سي آءِ اي موجب، آن لائن فراڊ ۾ ملوث جوابدار تحسين اعواڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار خلاف 8 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جوابدار 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت حاصل ڪئي آهي.اين سي سي آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار سيڪيورٽي ايجنسين کي جعلي ڊيٽا فراهم ڪيو. جوابدار رڪارڊ ۾ جعلي ڪمپنيون ڏيکاريون جيڪي موجود نه هيون.اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ارشد علي رضوي کي ڪيس جو جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. جوابدار تحسين اعواڻ کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو