جسٽس بابر ستار وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي

جسٽس بابر ستار وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس بابر ستار جي آمريڪي شهريت جي سوشل ميڊيا مهم جي ترديد ڪندي چيو آهي ته جسٽس بابر ستار وٽ پاڪستان کان علاوه ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت نه آهي.جسٽس بابر ستار جي خلاف بي بنياد سوشل ميڊيا مهم تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڌرائي جاري ڪئي آهي.جاري ڪيل پڌرائي موجب جسٽس بابر ستار جي جج بنجڻ کان پوءِ ان جي ٻارن پاڪستان ۾ رهائش اختيار ڪئي. جسٽس بابر ستار جي گرين ڪارڊ جي ان وقت جي چيف جسٽس کي خبر هئي جسٽس بابر ستار جي والده 1992ع کان اسڪول هلائي رهي آهي جيڪا جسٽس بابر ستار جي ليگل فرم اسڪول جي ليگل ايڊوائزر هئي ۽ فيس وصول ڪئي. جسٽس بابر ستار پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ملڪيت ٽيڪس ريٽرن ۾ ظاهر ڪري رکي آهي. جسٽس بابر ستار کي آمريڪا جو مستقل رهائشي جو ڪارڊ مليو هو پر 2005 ۾ آمريڪي نوڪري ڇڏي اهو پاڪستان آيو ۽ تڏهن کان ملڪ ۾ ئي ڪم ڪري رهيو آهي.جسٽس بابر ستار جا جيترا به اثاثا آهن اهي کيس ورثي ۾ مليا يا پاڻ ورتا جيڪي ان جي وڪالت دوران جا آهن پر جج بنجڻ کان پوءِ هن ڪوبه ريئل اسٽيٽ اثاثو نه ٺاهيو جسٽس بابر ستار ڪنهن به ڪاروبار جي مينجمينٽ سان گڏ نه آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو ڪيس ٻڌو جنهن ۾ ان جي فيملي جو مفاد هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو