لاپتا ٿيل ماڻهن جي ڳولا واري ڪميشن جو نئون سربراهه مقرر

لاپتا ٿيل ماڻهن جي ڳولا واري ڪميشن جو نئون سربراهه مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت جبري گمشدگين بابت ڪميشن آف انڪوائري کي ٻيهر جوڙي ڇڏيو آهي ۽ جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه کي ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي. جبري گمشدگين جي جاچ ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ ڪندي، جسٽس (ر) نذر اڪبر کي سنڌ جو ميمبر، رٽائرڊ جج محمد بشير کي اسلام آباد جو ميمبر ۽ جسٽس (ر) سيد افسر شاهه کي خيبرپختونخواهه جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. ڪميشن جي اعلان موجب جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه کي انڪوائري ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي ۽ چيئرمين لاهور ۽ ڪراچي ۾ 50 کان وڌيڪ ڪيسن جي ٻڌڻي پڻ ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس (ر) ارشد حسين جي جولاءِ ۾ عهدو سنڀالڻ کان پوءِ، ڪميشن 70 ڪيس ختم ڪيا ۽ 15 نيون شڪايتون داخل ڪيون، جڏهن ته ڪميشن گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن کي مالي مدد لاءِ 50 لک رپين جي پيڪيج تي عمل درآمد پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. بيان موجب، ڪميشن کي هاڻي تائين مبينا طور تي جبري گمشدگين سان لاڳاپيل 10,607 ڪيس مليا آهن ۽ 31 جولاءِ 2025 تائين، ڪميشن 8,770 ڪيس (82 سيڪڙو) حل ڪيا هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين ڪميشن پنجاب، خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ سنڌ جي گهرو سيڪريٽرين ۽ پوليس جي آءِ جيز سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چيئرمين ڪميشن سڀني صوبن جي گڏيل جاچ ٽيمن ۽ صوبائي ٽاسڪ فورسز بابت رپورٽون بروقت جمع ڪرائڻ تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو