جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد

جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب جي توهين آميز گفتگو ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڊيوٽي جج ارشد جاويد جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب خلاف اشتعال انگيز انگلش ڳالهائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.گرين ٽائون ٿاڻي پوليس مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف اشتعال انگيز ڳالهه ٻولهه جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.عدالت مريم اورنگزيب جي بريت واري درخواست تي استغاثه کان جواب طلب ڪري ورتو هو، جڏهن ته ٻنهي ن ليگ اڳواڻن هڪ ڏينهن جي معافي جي درخواست داخل ڪئي هئي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف جي معافي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته مريم اورنگزيب جي ضمانت به رد ڪئي وئي.عدالت ٻين شريڪ جوابدارن جا پيش ٿيڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو