توهين عدالت ڪيس، چيف اليڪشن ڪمشنر ذاتي حيثيت ۾ طلب

توهين عدالت ڪيس، چيف اليڪشن ڪمشنر ذاتي حيثيت ۾ طلب

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ورڪرز ڪنوينشن بابت توهين عدالت ڪيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ ورڪرز ڪنوينشن بابت توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ۽ جسٽس اعجاز انور ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواه عامر جاويد ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز انور پڇاڻو ڪيو ته حڪومت، ايڊووڪيٽ جنرل جو ڪم سهولتون ڏيڻ يا مشڪلاتون پيدا ڪرڻ آهي، اسان پڇيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي آهي يا نه، توهان چيو ته پابندي ناهي.ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي عامر جاويد عدالت کي ٻڌايو ته مان اڄ به پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان ته پي ٽي آءِ تي پابندي ناهي.جسٽس اعجاز انور چيو ته گرائونڊ تي نظر نٿو اچي ته پي ٽي آءِ تي پابندي ناهي، لڳي ٿو نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن ناڪام ٿي چڪي آهي، انتظاميه به ڪنهن جي هٿن ۾ کيڏي رهي آهي.درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ ورڪرز ڪنوينشن لاءِ درخواست ڏني ته انتظاميا آرٽيڪل 144 لاڳو ڪيو.ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي عدالت کي ٻڌايو ته امن امان جو مسئلو آهي. ان ڪري قلم 144 چار، پنج ڏينهن لاءِ لاڳو ڪيو ويو.جسٽس اعجاز انور چيو ته جيڪڏهن حالتون خراب آهن ته پوءِ چونڊون ملتوي ڇو نه ٿيون، جيڪڏهن حالتون خراب آهن ته اليڪشن ڪيئن ٿيندي؟ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڇو نه گهرايو وڃي؟ هو چيف اليڪشن ڪمشنر کي ذاتي حيثيت ۾ گهرائي ڪري پڇندا ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو مقصد ڇا آهي جيڪڏهن هو شفاف چونڊون نٿا ڪرائي سگهن ته پوءِ ڪهڙي ڪم جا آهن،پي ٽي آءِ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس ورڪرز ڪنوينشن جي درخواست ڪندڙ وڪيل جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ کين تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته مٿان کان حڪم آيو آهي، کين خبر ناهي ته مٿي ڪير آهي، ان تي جسٽس اعجاز انور چيو ته مٿان رڳو الله آهي، کين خبر ناهي هن جي مٿان ڪير آهي،ٻڌڻي دوران جسٽس ايس ايم عتيق پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب، آئين ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ اوهان جي ذميواري آهي.ان تي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي عامر جاويد چيو ته مون کي ڪجهه وقت ڏيو.جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه دير تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو