اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ملڻ تي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي تي کيس گرفتار نه ڪيو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي 24 آڪٽوبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.العزيزيه اسٽيل ملز ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي قانوني ٽيم سڪيورٽي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب نواز شريف جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.نواز شريف جا وڪيل امجد پرويز ۽ اعظم نذير تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر رفيع مقصود ۽ افضل قريشي به عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت ۾ اعظم نذير تارڙ دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف ٽرائل ڪورٽ ۾ اشتهاري هو، جا وارنٽ معطل ٿي چڪا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اوهان وٽ اهو حڪم آهي؟ اعظم نذير تارڙ جواب ڏنو ته آرڊر ٿي چڪو آهي، احتساب عدالت مان وڪيل اچي رهيا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان حفاظتي بانڊ ڏئي ڪيس سومر لاءِ مقرر ڪيو آهي.وڪيل امجد پرويز چيو ته ٽرائل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.عدالت چيو ته نيب کي نواز شريف جي وطن واپسي تي حفاظتي بانڊ ڏيڻ تي ڪو اعتراض ناهي.نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ لکيو هو ته اپيل ڪندڙ واپس اچي ته اپيل بحال ڪري سگهي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان پڇيو هو ته نيب جو ڇا موقف آهي؟ ان ۾ ڪا تبديلي ناهي؟نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته هن وقت به اهو ئي موقف آهي ته اهي اچن ته اسان کي سندن اچڻ تي ڪو اعتراض ناهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪنهن کان هدايتون ورتيون؟نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته اسان پراسيڪيوٽر جنرل نيب کان هدايتون ورتيون آهن.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته اوهان عدالت کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ته اوهان کي ڪو اعتراض ناهي………احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جا وارنٽ معطل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نواز شريف جو وڪيل قاضي مصباح ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران وڪيل صفي قاضي مصباح چيو ته نواز شريف جا وارنٽ معطل ڪرڻ لاءِ ڪالهه درخواست داخل ڪئي وئي، هو عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ۽ 21 آڪٽوبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي، تنهن ڪري سندس گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن.ان تي جج محمد بشير چيو ته نواز شريف خلاف توشه خانو ڪيس نيب ڪورٽ نمبر 3 جو آهي، جنهن تي وڪيل چيو ته توهان جي عدالت ۾ 24 آڪٽوبر تي ٻڌڻي آهي، نواز شريف پيش ٿيڻ چاهي ٿو.نواز شريف جي وڪيل جي موقف تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وزيراعظم جي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا ان ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي بانڊ داخل ڪيو ويو آهي؟ ان تي وڪيل چيو ته توشه خاني ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جمع نه ڪرائي وئي، توشه خاني ڪيس ۾ وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن، فيصلو ناهي ٿيو، اسحاق ڊار جا به ساڳي ڪيس ۾ وارنٽ معطل ڪيا ويا.وڪيل صفائي چيو ته نواز شريف جي تازي ميڊيڪل رپورٽ به منسلڪ ڪئي وئي آهي، هو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو، گرفتاري وارنٽ معطل ٿيڻ تي جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيندو آهي، جڏهن ته نيب وٽان نوازشريف جا گرفتاري وارنٽ ناهن، تنهن ڪري وارنٽ کي معطل ڪيو وڃي ته جيئن عدالت ۾ اچڻ جو رستو هجي.ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نوازشريف 2 رليف جو مطالبو ڪيو آهي، هو چئي رهيو آهي ته هو عدالت آڏو پيش ٿيڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن نواز شريف اچڻ چاهي ٿو ته 24 آڪٽوبر تائين ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن.نيب پراسيڪيوٽر صافي ۽ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت نواز شريف جا وارنٽ معطل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.جنهن بعد عدالت نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي چيو ته جيڪڏهن نواز شريف 24 آڪٽوبر تي پيش نه ٿيو ته وارنٽ بحال ڪيا ويندا.










