اسلام آباد(بيورو رپورٽ)توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سزا معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ فيصلو جاري ڪيو.چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري 9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي سزا معطلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.










