ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته اهڙن ماڻهن سان ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن جيڪي پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن.ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته پي ٽي آءِ جا دوست ڳالهيون قبول نٿا ڪن، اڊيالا ۾ ويٺل شخص مغرور آهي.سنڌ جي گورنر چيو ته جيئن اسان هندستان سان جنگ کٽي آهي، تيئن معيشت جي جنگ به کٽينداسين. اسان معيشت جي جنگ لاءِ تيار آهيون.هن چيو ته پاڪستان خطي جو سڀ کان اهم ملڪ بڻجي چڪو آهي، اسلام آباد طاقت جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. پاڪستان سعودي عرب ۾ محافظ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.ڪامران ٽيسوري چيو ته فيلڊ مارشل جي ٻٽي پاليسي پاڪستان کي دنيا ۾ اهم مقام ڏنو، بهترين فوجي حڪمت عملي پاڪستان جو اعتماد بحال ڪيو.سنڌ جي گورنر چيو ته قومي ايئر لائن جي نجڪاري جو عمل گيم چينجر ثابت ٿي سگهي ٿو، ٻن ڏهاڪن کان پوءِ نجڪاري جي عمل کي شفاف انداز ۾ ڏٺو پيو وڃي.ان کان اڳ، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني ڪئي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر پڻ ان موقعي تي انهن سان گڏ هئا.










