ڪشمور(رپورٽ علي حسن سومرو) ڪشمور لڳ بخشاپور بنگوار ۽ ڊومڪي برادري وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار سبب علائقي ۾ ٻيهر هٿياربند جهيڙو شروع ٿي ويو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل ٿي ويا فائرنگ جي نتيجي ۾ ذاڪِر ڊومڪي ۽ سندس نوجوان پٽ قتل ٿي ويا واقعي کان پوءِ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا جڏهن ته مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا هي واقعو ڊومڪي ۽ بنگوار قبيلن وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار جو نتيجو ٻڌايو پيو وڃي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي ۽ صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته ڊومڪي قبيلي جا ماڻهو وڏي انگ ۾ سول اسپتال پهچي ويا آهن. علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس وڌيڪ نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي










