ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي واشڪ، لورالائي ۽ موسيٰ خيل ضلعن ۾ تيز برساتن دوران بجلي ڪرڻ ۽ ڀت ڪرڻ سبب هڪ ڇوڪري ۽ ٻه نوجوان فوت ٿي ويا. پي ڊي ايم اي موجب، بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ تازين برساتن، طوفاني هوائن ۽ بجلي جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ نقصان جون رپورٽون مليون آهن.پي ڊي ايم اي اختيارين چيو ته پاڻي جي ريل جي ڪري ڪيترائي گهر تباهه ٿيا، جڏهن ته واشڪ ضلعي ۾ تيز ٻوڏ رهائشي گهرن، چار ڀتين ۽ زرعي زمينن کي جزوي طور تي نقصان پهچايو. نقصان جو حتمي اندازو لڳائڻ لاءِ سروي جاري آهي. پي ڊي ايم اي اختيارين موجب، لورالائي ضلعي ۾ تيز برساتن سبب ڀت ڪرڻ سبب هڪ ڇوڪري عليز فوت ٿي وئي، جڏهن ته موسيٰ خيل ضلعي ۾ بجلي ڪرڻ سبب ٻه نوجوان عبدالحليم ۽ جمال دين فوت ٿي ويا.عملدارن جو چوڻ آهي ته لورالائي ۽ سوراب ضلعن ۾ تيز برساتن ۽ تيز هوائن سبب ڪيترائي گهر ۽ سولر پينل خراب ٿيا آهن.ٻئي طرف، پي ڊي ايم اي ڊيرا بگٽي، نصير آباد ۽ صحبت پور ۾ اڄ رات ۽ سڀاڻي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي جهانزيب خان چيو ته اڄ رات ۽ سڀاڻي ڊيرا بگٽي، نصير آباد ۽ صحبت پور ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، پي ڊي ايم اي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ ممڪن هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته لاڳاپيل کاتن کي به الرٽ ڪيو ويو آهي.










