خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نجي دوري تي هيليڪاپٽر ذريعي خانڳڙھ جي ريگستاني علائقي سردار ڳڙھ پهچي ويو آهي۔ بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي دعوت تي علائقي جو دورو ڪري رهيو آهي۔ ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ريگستاني علائقي ۾ قائم عرب شهزادن جي ڪيمپ جو دورو ڪندو، جتي گڏيل عرب امارات جي وفاقي وزير شيخ النهيان بن مبارڪ سان ملاقات ڪندو۔ ملاقات دوران ٻطرفي دلچسپي جي معاملن سميت علائقي جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ متوقع آهي۔ بلاول ڀٽو زرداري جي آمد بعد سردار ڳڙھ مهر هائوس تي قيام ڪيو ويندو، جتي مقامي سياسي اڳواڻن ۽ معزز شخصيتن سان غير رسمي ملاقاتون پڻ ڪيون وينديون۔ بلاول ڀٽو زرداري جي آمد جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا طرفان سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ داخلا ۽ نڪرڻ تي سخت نگراني جاري آهي۔ واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو هي دورو نجي نوعيت جو آهي، تنهن هوندي به علائقي ۾ سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ هن دوري کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي۔
مشهور خبرون










