ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي لاءِ بايو گيس تي هلندڙ بسن جي خريداري جو عمل باضابطه شروع ڪيو پيو وڃي.سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ سان ايشين ڊوالپمينٽ بينڪ(اي ڊي بي) جي اعليٰ سطحي وفد ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ٽرانسپورٽ بابت منصوبن جي مالي مدد ۽ مستقبل جي اهم قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو به شريڪ هو.ايشين ڊوالپمينٽ بينڪ جي وفد ملاقات جي موقعي تي ٽرانسپورٽ جي جاري منصوبن ۽ مستقبل ۾ به ٽرانسپورٽ ۽ موبلٽي جي وڌيڪ منصوبن ۾ مدد جو به يقين ڏياريو.انهي موقعي تي هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو بايو گيس سان هلندڙ بسز هلائي رهي آهي. سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته بايو گيس تي هلندڙ بسون نه صرف جديد هجن پر سروس جو معيار به عالمي سطح جو هجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بايو گيس تي جيڪي بسون هلايون پيون وڃن اهي نه صرف ماحول دوست هونديون پر بس آءِ ٽي ايس تي ٻڌل هونديون.سنڌ جي سينئر وزير چيو ته ڪراچي ۾ ماحول دوسز بسز جي لاءِ بايو گيس پلانٽ منصوبي تي ڪم جلد شروع ڪيو پيو وڃي. بايو گيس پلانٽ جهڙن قدمن سان ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنداسين. بايو گيس ۽ اي وي گاڏين سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ۾ مدد ملندي.










