باغ جناح ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو پوليس تي پٿراءُ، گرفتاريون

باغ جناح ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو پوليس تي پٿراءُ، گرفتاريون

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) نمائش چورنگي تي پوليس طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. نمائش جي ڀرسان باغ جناح ۾ مظاهرين طرفان پوليس جي موبائل تي پٿراءُ جا فوٽيج به سامهون اچي ويا آهن جنهن ۾ مڇريل ماڻهن طرفان پوليس موبائيل کي روڪڻ ۽ پٿراءُ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ شيلنگ ڪئي. پوليس موجب 30 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار مظاهرين جي تشدد سبب زخمي به ٿي پيو آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ ڪراچي جي ترجمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪجهه دير کان پوءِ قائداعظم جي مزار تي پهچندو. ياد رهي ته ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي کان اڳ قائداعظم جي مزار ۽ چوڌاري وارن علائقن ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پيپلز چورنگي کان قائداعظم جي مزار ڏانهن ايندڙ روڊ جو هڪ ٽريڪ ۽ خداداد ڪالوني کان ايندڙ روڊ جا ٻئي ٽريڪ بند آهن. انهي کان علاوه گرو مندر کان نمائش سنگل تائين ويندڙ روڊ کي به بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو