ايف ٽي سي وٽ ثقافتي ريلين جي رستا روڪ، لٺبازي، گرفتاريون

ايف ٽي سي وٽ ثقافتي ريلين جي رستا روڪ، لٺبازي، گرفتاريون

ڪراچي (رپورٽ علي مرتضيٰ مهر) ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل ايف ٽي سي وٽ پوليس ٽينڪر بيهاري ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان نڪتل ريلين جي رستا روڪ ڪئي ۽ لٺبازي ڪندي ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو.سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف علائقن مان نڪرندڙ قافلا ايف ٽي سي پهتا ته پوليس ٽينڪر بيهاري انهن کي روڪي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.پوليس ريلين ۾ شريڪ نوجوانن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي، نوجوانن پوليس تي پٿراءُ ڪيو جنهن سبب پوليس جي پيٽرولنگ ڪار جي دري جو شيشو ڀڄي پيو.  ان دوران ڪيترن ئي نوجوانن کي حراست ۾ پڻ ورتو ويو. ٻئي پاسي سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون جاري آهن، ڪراچي ۾ مک تقريب پريس ڪلب وٽ جاري آهي، جنهن م عوامي سمنڊ اٿلي پيو آهي. نوجوان مختلف فنڪارن جي گيتن تي جهومي رهيا آهن. (وڌيڪ تفصيل ڪجهه دير ۾، هي اپديٽ ٿيندڙ خبر آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو