اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي (ايس اين ايس) جي صدر قاضي شفيق احمد جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پي آءِ او مبشر حسن کي قاضي شفيق احمد پاران سنڌي ثقافت جي علامت “اجرڪ” جو تحفو پيش ڪيو ويو. سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي صدر ميمبر اخبارن کي انهن کي درپيش مالي، انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن کان آگاهه ڪيو. ايس اين ايس جي صدر وفاقي سطح تي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جي دور ۾ اشتهارن جي منصفانه ورڇ ۽ روايتي اخبارن جي تحفظ لاءِ قدمن جي فوري ضرورت آهي. ان موقعي تي وفد جي شرڪت ڪندڙن سنڌ جي علائقائي اخبارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پي آءِ او مبشر حسن سڀني مسئلن کي غور سان ٻڌو ۽ انهن جي جلد حل جو يقين ڏياريو. هن چيو ته وفاقي وزارت اطلاعات ۽ نشريات مقامي اخبارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. پي آءِ او مبشر حسن زور ڏنو ته حڪومت ۽ ميڊيا ادارن کي معلومات تائين عوام جي رسائي کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وفد ۾ سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جو صدر قاضي شفيق احمد، جنرل سيڪريٽري سيد رضوان شاهه، ميمبر گورننگ باڊي ديدار علي سنديلو ۽ ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي محمد ايوب پيرزادو شامل هئا.










