دهشتگردي خلاف پاڪستان ۽ ايران جو موقف هڪ آهي،گڏيل اعلان

دهشتگردي خلاف پاڪستان ۽ ايران جو موقف هڪ آهي،گڏيل اعلان

اسلام آبا( بيورو رپورٽ)و زيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايران کي پرامن مقصدن لاءِ جوهري طاقت حاصل ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مسعود پزشڪيان پهريون ڀيرو صدر طور پاڪستان جي دوري تي آيو آهي سندس سان ڀائراڻي لاڳاپن، مذهبي، جغرافيائي ۽ ٻيا اهم معاملا تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.شهباز شريف چيو ته جون مهيني ۾ اسرائيل بنا ڪنهن سبب ايران تي جارحيت ڪئي، جنهن جي پاڪستان ۽ هتي جي عوام سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.هن چيو ته اڄ ايران سان ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيون ٿيون آهن، خواهش آهي ته اهي جلد معاهدا بڻجن، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ 10 ارب ڊالر واپار جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.وزيراعظم چيو ته ايران کي پرامن مقصدن لاءِ جوهري توانائي حاصل ڪرڻ جو حق آهي، پاڪستان ان حق بابت ايران جي موقف سان گڏ بيٺل آهي، سٺي وقت ۾ ته سڀ دوست ٿين ٿا، پر اصل دوست اهو آهي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ ايران جي قيادت گڏيل واپار جي ڳاڻيٽي کي جلد کان جلد 10 ارب ڊالرن جي هدف تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان پرامن مقصدن لاءِ ايران جي ايٽمي پروگرام جي حمايت ڪري ٿو، دهشتگردي خلاف پاڪستان ۽ ايران جو موقف هڪ آهي، ڪنهن به قسم جي دهشتگردي کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان سان گڏ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا واري تقريب جي موقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان ۽ پاڪستان ۾ ايران جي سفير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته اسان جي ڀاءُ ۽ دوست ملڪ جو صدر پهريون ڀيرو صدر طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اوهان جا دورا ٿيندا. هن چيو ته ٻطرفي ملاقاتن دوران اسان ڀائيچاري، گڏيل لاڳاپن، مذهبي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي شعبن سميت جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن چيو ته ايران جو صدر پاڪستان لاءِ محبت جو جذبو رکي ٿو. هن چيو ته جون ۾ اسرائيل بنا ڪنهن ٺوس ثبوت جي ايران خلاف جارحيت ڪئي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ان جي ڀرپور مذمت ڪئي. هن چيو ته هن جنگ جو ڪو به جواز نه هو. وزيراعظم حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام طرفان جنگ ۾ ايران جي سائنسدانن، جرنيلن ۽ ٻين شهيدن لاءِ مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته جنگ ۾ سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي دليراڻي ۽ دانشمنداڻي قيادت ۾ ايراني فوج ۽ عوام بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ ايراني ميزائلن جي برسات ۾ اسرائيلي دفاع کي بري طرح بي نقاب ڪيو. هن چيو ته جنگ دوران ايران جي عوام ۽ حڪومت پنهنجي خودمختياري جو ڀرپور دفاع ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو اصولي موقف آهي ته گڏيل قومن جي چارٽر موجب پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي طاقت جو پورو حق حاصل آهي، مان سمجهان ٿو ته ان حوالي سان پاڪستان، ايران جي اصولي موقف سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ ڪيترن ئي معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحيون ڪيون آهن، منهنجي دعا آهي ته اهي ايم او يوز جلد معاهدن ۾ بدلجي وڃن ۽ اسان جي ٻطرفي واپار کي جلد کان جلد 10 ارب ڊالرن تائين واڌ ڏين. ان حوالي سان اسان جا وفد ڳالهين کي اڳتي وڌائيندا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان ۽ ايران جو موقف هڪ آهي، ڪنهن به قسم جي دهشتگردي کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. اسان خطي ۾ امن ۽ ترقي جي شاهراهن کي کولڻ لاءِ ڪيترائي سئو ڪلوميٽر ڊگهين سرحدن کي کولڻ لاءِ دهشتگردي خلاف ڀرپور تعاون کي يقيني بڻائينداسين ته جيئن هميشه لاءِ دهشتگردي کي ختم ڪري سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ بدترين ڏاڍ جي حوالي سان آواز بلند ڪرڻ تي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي ۽ ايران جي صدر کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان هميشه غزه ۽ فلسطين جي عوام لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ نائب وزيراعظم گڏيل قومن ۾ ان حُوالي سان پاڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو. هن چيو ته هر لمحي بي گناهه معصومن کي ذبح ڪيو پيو وڃي، بزرگن، عورتن ۽ نوجوانن جي رت سان گهٽيون ڳاڙهيون آهن، ان کان وڌيڪ ظلم اهو آهي ته پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن جي داخلا بند ڪري کين بک تي مجبور ڪيو ويو آهي، اهي منظر ڏسڻ جو حوصلو ناهي. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا کي هڪ آواز ٿي غزه جي حوالي سان آواز اٿارڻ گهرجي. امن جي قيام لاءِ عالمي برادري کي توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون نه ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. غير قانوني ڀارتي والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوري وادي معصوم ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي آهي، ڪشميرين کي به آزادي جو حق آهي ۽ ان کانسواءِ انهن جي آزادي مڪمل نه ٿيندي، پاڪستان ان حوالي سان هميشه آواز اٿاريو ۽ اٿاريندو رهندو. اسان ايران جا به ٿورائتا آهيون ته ايران هميشه ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاريو آهي، وزيراعظم سعدي شيرازي جي شعرن جو حوالو پڻ ڏنو جنهن ۾ چيو ويو ته سٺي وقت ۾ هرڪوئي دوست هوندو آهي ۽ دوستي جي دعويٰ ڪري ٿو پر دوست اهو هوندو آهي جيڪو ڏکي وقت ۾ دوست جو هٿ پڪڙي وٺي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان قرآني آيتن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته اسان جو دوست اسان جو پاڙيسري ملڪ پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي، هن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ حڪومت طرفان شاندار ميزباني تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام طرفان ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي اڳرائي خلاف ڀرپور موقف اختيار ڪيو ۽ اسان جو ساٿ ڏنو آهي جنهن تي اسان ٿورائتا آهيون. هن چيو ته شاعر مشرق علامه اقبال به پنهنجي شعرن ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو ۽ مسلم قوم کي وحدت قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جي دوستي ۽ لاڳاپا گهري تاريخي ۽ ثقافتي رشتن سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته مذهب جي بنياد تي اتحاد جو سبق اسان جي پيغمبر پڻ ڏنو هو ۽ جيستائين اسان متحد رهنداسين ته اسان جي خودمختياري قائم رهندي. ايراني صدر چيو ته ايران پاڪستان کي پنهنجو پاڙيسري ئي نه پر ڀاءُ سمجهي ٿو. هن چيو ته گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏئي اسان گڏيل واپار کي 3 ارب ڊالرن کان تمام جلد 10 ارب ڊالرن جي هدف تائين واڌ ڏئي سگهون ٿا. اڄ اسان سياست، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن جنهن سان ٽرانسپورٽ، سائنس ٽيڪنالاجي، ثقافت، سياحت ۽ ڪاروباري شعبن جي ترقي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اسان انهن معاهدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون، ايراني صدر چيو ته ٽرانزٽ ٽريڊ جون راهداريون ريل، روڊ ۽ سامونڊي روٽس جي ترقي، بارڊر مارڪيٽس، گڏيل فري اڪنامڪ زونز جو قيام اسان لاءِ تمام ضروري آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي رابطن ۾ استحڪام ۽ واڌ ايندي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن خلاف سرحدي علائقن ۾ خطرن جي روشني ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي تحفظ لاءِ گڏيل قدم اڻٽر آهن، ايران جي صدر چيو ته علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي راءِ گڏيل آهي ۽ معاشي رابطن کي هٿي ڏيڻ سان ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن فلسطين، لبنان ۽ شام ۾ انساني حقن جي پائمالين جي اسرائيلي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل نسل ڪشي جي قدمن جو سبب بڻيو آهي. هن فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران يقين رکن ٿا ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ سان توسيع پسنداڻن ارادن کي روڪي سگهجي ٿو ته جيئن خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي جارحيت جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي سهڪار جي ضروت آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٻٽي معيار کي ترڪ ڪندي اڳرائي جو خاتمو يقيني بڻائڻ گهرجي، ميمبر ملڪن جي خودمختياري يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل قومن جي جامع ڪردار جي ضرورت آهي. پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي آخر ۾ مهمان نوازي تي هڪ دفعو ٻيهر ٿورو مڃيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايران جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي عمل کي وڌائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو