ايئرپورٽ تي ٻن کان وڌيڪ ماڻهن جي کڻڻ ۽ ڇڏڻ تي پابندي

ايئرپورٽ تي ٻن کان وڌيڪ ماڻهن جي کڻڻ ۽ ڇڏڻ تي پابندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ايئرپورٽ تي پڪ اينڊ ڊراپ تي 2 کان وڌيڪ ماڻهن جي اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.صوبائي گهرو وزير جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي خطرن بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته ماضي جي واقعن ۽ حادثن کي نظر ۾ رکندي اسان کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، حادثي واري هنڌ تي تڪڙي جواب لاءِ جامع ايس او پيز ٺاهڻ گهرجن، ايئرپورٽ تي سخت رش جي ڪري سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو وڃي، ايئرپورٽ پڪ اينڊ ڊراپ تي هڪ کان ٻن ماڻهن کي اجازت ڏني وڃي.ضياءُالنجر چيو ته پوليس کي سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ گهرجن، سنڌ جي سڀني جيلن ۾ تلاش ايپ ڊيوائس جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ صوبائي سطح تي داخلا ۽ خارجي رستن تي ليڊي سرچرز موجود هجڻ گهرجن.هن هدايت ڪئي ته سڀني اهم ۽ حساس تنصيبات جو سيڪيورٽي آڊٽ ڪيو وڃي، هٿيارن جي نمائش خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي سڀني شقن تي ان جي روح مطابق عمل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو