اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪ فضائيه جو بهادر آفيسر گروپ ڪيپٽن عاصم هڪ عورت کي بچائيندي شهيد ٿي ويو.اسلام آباد پوليس موجب، گروپ ڪيپٽن عاصم نائينٿ ايفنيو (Ninth Avenue) تان گذري رهيو هو ته هن هڪ موٽرسائيڪل سوار کي عورت جو هٿ ڇڪيندي ڏٺو. هڪ ذميوار شهري هئڻ جي ناطي هو واپس وريو ۽ موٽرسائيڪل جي ويجهو وڃي صورتحال معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. پوليس موجب، عورت گروپ ڪيپٽن عاصم جي گاڏيءَ ڏانهن هلي آئي، جنهن تي مبينا جوابدار سعد ساڻس بدتميزي ڪئي ۽ پوءِ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيپٽن عاصم سخت زخمي ٿي پيو ۽ الرجي (زخمن جا سور) نه سهندي شهادت جو ڄام پي ورتائين، جڏهن ته جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس موجب، متاثر عورت بيان ڏنو آهي ته جوابدار آفيس ۾ سندس ساٿي (ڪوليگ) هو، جنهن کيس ڪم تي گڏ هلڻ جي آڇ ڪئي هئي، پر پوءِ رستو تبديل ڪري کيس ڪنهن ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ پئي چاهيو، جنهن تي هو ساڻس زبردستي ڪري رهيو هو. پوليس موجب، عورت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گروپ ڪيپٽن عاصم وقت تي مداخلت ڪري کيس محفوظ بڻايو، جڏهن ته قانون نافذ ڪندڙ ادارا جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڪارروايون ڪري رهيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد گروپ ڪيپٽن عاصم پسماندگان ۾ بيوه، هڪ ڌيئر ۽ هڪ پٽ ڇڏيا آهن.هوڏانهن وفاقي گادي واري شهر جي آءِ جي پوليس علي ناصر رضوي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته گروپ ڪيپٽن جي قاتل سعد عباسي ولد محمد سجاد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته نمره ۽ سعد عباسي ميلوڊي ۾ هڪ ڪيش اينڊ ڪيري ۾ ملازمت ڪندا هئا. هو نمره کي وٺي جڏهن نائن ايوينيو تي پهتو ته ڇوڪريءَ کيس چيو ته ڪيش اينڊ ڪيري هلو، اوهان سان ڪنهن ٻئي هنڌ نه هلندس. ڇوڪري کي هو ٻانهن کان ڇڪي بائيڪ تي ويهڻ لاءِ ڇڪي رهيو هو ته ڇوڪري انڪار ڪيو. اهوا لڪاءَ پاسي مان گذرندڙ گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جيڪو سرڪاري ڪم سان راولپنڊي وڃي رهيو هو ته گاڏي روڪي کيس چيو ته زيادتي ڇو ٿو ڪرين، ان تي جوابدار پستول ڪڍي مٿس فائر ڪيو ته هو موقعي تي شهيد ٿي ويو، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي، جي مدد سان پوليس کيس گرفتار ڪيو. جوابدار بعد ۾ شرٽ تبديل ڪري، موبائيل بند ڪري ڇڏي ۽ شهر کان ٻاهر فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جوابدار جو تعلق ايبٽ آباد سان آهي، اسين مختلف ادارن جون 11 ٽيمون جوڙيون، ميانوالي ۽ ايبٽ آباد ٽيمون موڪليون ۽ 9 ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته جاچ جاري آهي ۽ قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي.










