اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند) اوٻاوڙو جا رهواسي ڪونڊري برادري سان تعلق رکندڙ چار نوجوان ڪوئٽا بلوچستان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويا آهن، شهيد ٿي ويل ۾ سجاد احمد۔محمد ڪامران۔عباس علي ۽ محمد شهزاد شامل آهن، اهڙو اطلاع وارثن کي ملڻ بعد گهر ۾ قهرام متل آهي۔ جڏهن ته شهيد ٿي ويل نوجوانن جا مڙھ اڃان تائين گهر نه پهچي سگهيا آهن










