اوٻاوڙو ۾ حادثو،چار ڄڻا اجل جو شڪار

اوٻاوڙو ۾ حادثو،چار ڄڻا اجل جو شڪار

اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند)اوٻاوڙو ڀرسان چوڪماڙي ڀرسان گڊو لنڪ روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب چار ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا فوت ٿي ويلن ۾ صوبدار گرگيج مسمات سڪيلڌي گرگيج مسمات ڪلثوم گرگيج جن ۾ هڪ ٻار وسيم شامل آهن هڪئي خاندان جا چار ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا اطلاع تي پوليس پهچي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد سول اسپتال اوٻاوڙو کڻائي آئي جن جي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا ٽرڪ ڊرائيو موقعي تان فرار ٿي ويا جڏهن ته ٽرڪ کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو