اورنگزيب پاڪ آمريڪا واپاري معاهدي کي فائنل ڪرڻ لاءِ آمريڪا روانو

اورنگزيب پاڪ آمريڪا واپاري معاهدي کي فائنل ڪرڻ لاءِ آمريڪا روانو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب واپاري معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي.تفصيل موجب، محمد اورنگزيب واپاري معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ واشنگٽن ڊي سي روانو ٿي ويو آهي، جتي اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 1 آگسٽ 2025 جي آخري تاريخ کان اڳ هڪ باهمي طور تي متفقه ٽيرف تي صحيح ٿي سگهي ٿي.ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم آفيس ۾ هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کان پوءِ کيس واشنگٽن روانو ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي ته جيئن ممڪن آخري تاريخ کان اڳ آمريڪا سان واپاري معاهدو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو