ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مسافرن کان اميگريشن ڪليئر ڪرائڻ لاءِ رشوت وٺڻ جا الزام ثابت ٿيڻ کان پوءِ ايف آءِ اي جي ٻن آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.وفاقي جاچ اداري جي عملدارن موجب، ايف آءِ اي اميگريشن ڪليئر ڪرائڻ لاءِ مسافرن کان رشوت وٺڻ جي الزام ۾ ڪيس ۾ ٻن آفيسرن سميت چار مسافرن کي نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته ٻنهي ايف آءِ اي آفيسرن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.هي ڪيس اينٽي ڪرپشن سيل ونگ پاران داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن موجب، جاچ دوران، ايف آءِ اي جي هڪ آفيسر اعتراف ڪيو ته هڪ هفتي ۾ 12 مسافرن کان پئسا وٺي اميگريشن ڪئي وئي.ڊي جي ايف آءِ اي عثمان انور چيو آهي ته غير قانوني سرگرميون بلڪل برداشت نه ڪيون وينديون ۽ کاتي ۾ ڪاري رڍن لاءِ ڪا به گنجائش ناهي.










