واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي افغان پاسپورٽ تي سفر ڪندڙ سڀني ماڻهن کي ويزا جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جمعي تي X تي هڪ پوسٽ ۾ تصديق ڪئي ته پرڏيهي کاتي افغان پاسپورٽ تي سفر ڪندڙ سڀني ماڻهن کي ويزا جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.اميگريشن عملدارن جو چوڻ آهي ته اهي مستقبل ۾ سڀني پناهگيرن جي درخواستن تي فيصلا پڻ روڪي رهيا آهن.










