پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ افغان فنڪارن جي واپسي بابت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.درخواست ۾ وفاقي حڪومت، گهرو وزارت، نادرا، ڊي جي اميگريشن ۽ ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪي ماڻهو يو اين ايڇ سي آر وٽ رجسٽرڊ آهن اهي افغانستان ۾ ڪم جاري نٿا رکي سگهن.وڪيل چيو ته افغان فنڪارن جي واپسي روڪي وڃي.پشاور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










