اسلام ڪوٽ (ن س)اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ 18 ورهين جي نوجوان غير شادي شده اجمل پٽ ڀاڻجي معمولي ڳالهه تان رات جي وقت گھران نڪري ڳوٺ ڀرسان ٻني جي وڻ ۾ رسو وڄي پنهنجي زندگي آڻي ڇڏيو، پوليس کي اطلاع پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسلام ڪوٽ اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب واقعو خودڪشي آهي جاچ ڪئي پئي وڃي










