غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل ۽ حماس غزه ۾ هڪ ڏينهن جي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ثالثن اسرائيل کي قيدين جي فهرست ڏني هئي جنهن کي آزاد ڪيو وڃي پر اسرائيل قيدين جي مٽاسٽا تي اصرار ڪندي ان تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هاڻي خبرون آهن ته حماس ۽ اسرائيل جنگ بندي ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ واڌ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان حوالي سان اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته 6 ڏينهن واري جنگ بندي جي مدت ختم ٿيڻ کان ڪجهه منٽ اڳ جنگ بندي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي ۽ وڌيڪ يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ جنگ بندي ۾ واڌ ڪئي وئي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج ڪنهن به وقت مقرر ڪرڻ کانسواءِ بيان ڏنو آهي ته معاهدي تحت يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو عمل ثالثي جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جاري رهندو. ثالثي جي ڪوششن جي نتيجي ۾ اتفاق ٿيل فريم ورڪ تحت آپريشنل وقفو جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب جنگبندي جو خاتمو ويجهو اچڻ سان ئي اسرائيلي ڪابينا جي خطرناڪ بيانن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي.










