غزهه (ويب ڊيسڪ)مصري عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ حماس جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ تيار آهن.پنهنجي بيان ۾ مصري عملدارن چيو ته اسرائيل ۽ حماس اڃا تائين جنگ بندي معاهدي جي تفصيلن تي اختلاف رکن ٿا.خابرو اداري موجب حماس آزاد ڪيل يرغمالين جي لسٽ کي هڪ طرفي بڻائڻ تي زور ڏنو آهي.حماس پڻ اسرائيلي فوج کي اڳ ۾ قائم سرحدن تان پوئتي هٽڻ جو مطالبو ڪيو آهي.










