اسحاق ڊار هن مهيني آمريڪا جو اهم دورو ڪندو

اسحاق ڊار هن مهيني آمريڪا جو اهم دورو ڪندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هن مهيني آمريڪا جو اهم دورو ڪندا.پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 22 جولاءِ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندو.پاڪستان جولاءِ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت ڪري رهيو آهي ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ان جي صدر جي حيثيت سان خطاب ڪندو.هن دوري دوران، اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان به ملاقات جو امڪان آهي. آمريڪا جي پنهنجي دوري دوران، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير واشنگٽن جو به دورو ڪندا، جتي هو آمريڪي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪرڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو