ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪراچي ۾ ڪراچي ليڪچررز اينڊ پروفيسرز الائنس (KLPA) جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پروفيسر راحيل اختر، پروفيسر زاهد علي منگي، پروفيسر رضوانه چنا ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن ۾ جاري سڌارن، پروموشنز، سروس اسٽرڪچر ۽ موجوده مسئلن تي تفصيلي غور ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڪاليج ايجوڪيشن جو شعبي ڊگهي عرصي کان سروس اسٽرڪچر ۽ ترقي جي مسئلن کي منهن ڏيندو رهيو آهي، پر وزيرِ تعليم سيد سردار علي شاهه جي سڌارن سبب هزارين استادن کي ترقي جا موقعا مليا آهن۔شرڪت ڪندڙن سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ نديم ميمن جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس جي سفارشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مجوزه 5 ٽئير پروموشن فارمولي کي مثبت قدم قرار ڏنو۔ اجلاس ۾ گريڊ 21 تائين ترقي جا موقعا وڌائڻ، ميرٽ ۽ ڪارڪردگي کي بنيادي معيار بڻائڻ ۽ موجوده ڍانچي ۾ سڌارا آڻڻ کي تعليمي نظام جي بهتري لاءِ اهم قرار ڏنو ويو۔شرڪت ڪندڙن احتجاج ۽ ڪلاسز جي بندش تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڪلاسز جو بائيڪاٽ شاگردن جي مستقبل لاءِ نقصانڪار آهي۔ استادن کي گهرجي ته مسئلا ڳالهين ۽ اداري فورمز ذريعي حل ڪن۔اجلاس جي پڄاڻي تي تعليمي نظام جي استحڪام ۽ شاگردن جي مفاد کي اوليت ڏيڻ جو عزم ورجايو










