اسان جو انتقام صيحوني رياست جي خاتمي سان بند ٿيندو، ايران

اسان جو انتقام صيحوني رياست جي خاتمي سان بند ٿيندو، ايران

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران جي پاسداران انقلاب جي سربراهه جنرل حسين سلامي چيو آهي ته صيحوني رياست جي خاتمي سان اسان جو انتقام بند ٿي ويندو.ايران جي راڄڌاني تهران ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جنرل حسين سلامي چيو ته ايران پنهنجي شهرين جي موت کي وساري نٿو سگهي، اسان جو بدلو ڏاڍو خوفناڪ هوندو.جنرل حسين سلامي چيو ته 7 آڪٽوبر تي اسرائيل خلاف طوفان الاقصي جو آپريشن مڪمل طور تي فلسطيني آپريشن هو جيڪو خود فلسطينين طرفان ڪيو ويو هو ظلم ۽ بربريت جو ردعمل هو.هن چيو ته طوفان الاقصي آپريشن غزه ۽ ويسٽ بئنڪ جي مظلوم فلسطينين جي سچي آواز طور سامهون آيو، غزه جي پٽي ۾ اسرائيل خلاف سرگرم حماس ۽ اسلامي جهاد پنهنجا هٿيار تيار ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو