اربعين مارچ جو فيصلو ملتوي،7 نڪاتي ايجنڊا تي اتفاق

اربعين مارچ جو فيصلو ملتوي،7 نڪاتي ايجنڊا تي اتفاق

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)مجلس وحدت مسلمين (ايم ڊبليو ايم) اربعين مارچ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت، شيعه علماء ڪائونسل ۽ ايم ڊبليو ايم 7 نقاطي ايجنڊا تي متفق ٿي ويا آهن. وفاقي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته هو سنڌ جي گورنر جو شڪرگذار آهي، جنهن ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪيو. طلال چوڌري چيو ته اسان درخواست ڪئي آهي ته هن سال ڪو به اربعيدن لاءِ روڊ ذريعي سفر نه ڪري. حڪومت عراقي ويزا کي 60 ڏينهن لاءِ وڌائيندي. هن وڌيڪ چيو ته سرحد تي شاگردن کي ايران ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ جن کي عراقي ويزا جاري ڪيا ويا آهن انهن کي رعايتي ٽڪيٽون ڏنيون وينديون. وفاقي وزير مملڪتي چيو ته فلائيٽ آپريشن به 2 کان 3 ڏينهن ۾ شروع ڪيو ويندو، ۽ حڪومت ان معاملي تي هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهيندي. ان موقعي تي ايم ڊبليو ايم جي اڳواڻ علامه رضوي چيو ته سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي مطالبا پورا ڪرڻ جو ضامن بڻايو ويو آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته حضرت امام علي ۽ امام حسين عليهم السلام جي مزارن ڏانهن ويندڙ رستو ڪو به نٿو روڪي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو