اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ بينچ تي اعتراض واپس وٺڻ لاءِ آءِ بي جي متفرق درخواست به رد ڪري ڇڏي.جسٽس بابر ستار خلاف اعتراض واپس وٺڻ لاءِ جي آءِ بي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي جي شروعات تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته آءِ بي بينچ آڏو اعتراض واري درخواست واپس وٺڻ چاهي ٿي. جسٽس بابر ستار چيو ته توهان جي اعتراض واري درخواست اڳ ئي خارج ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن درخواست خارج ڪرڻ جو حڪم آيو ته توهان کي ملندو، عدالت ڪارروائي ڪئي وڃي، حڪم نامي ۾ اهو به پڇيو ويو ته درخواست داخل ڪرڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو، توهان جواب ڏيو آرڊر اچڻ کان پوءِ ڏنو ويندو.










