پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ججن مختلف سوال اٿاريا.جسٽس عبدالشڪور ۽ جسٽس سيد ارشد علي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۾ ترميمن تي صدر جي دستخط ناهن. قانون نه بڻجڻ باوجود فوجي عدالت ۾ جوابدارن جو ٽرائل شروع ڪيو ويو.جسٽس سيد ارشد علي چيو ته صدر صحيح نه ڪيو ته پوءِ واپس موڪليو وڃي ها،جسٽس عبدالشڪور پڇاڻو ڪيو ته ڇا فوجي عدالت ۾ ٽرائل ان قانون تحت شروع ٿيو آهي؟ ،جسٽس سيد ارشد علي پڇاڻو ڪيو ته آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۾ ڪهڙيون ترميمون ڪيون ويون آهن؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن عدالت ڪجهه وقت ڏئي ته هو ان تي تفصيل سان دليل ڏيندو.










