پائيپ لائن مان تيل چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار

پائيپ لائن مان تيل چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ نيشنل آئل ريفائنري لائن مان تيل چوري ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪارروائي ڪئي ۽ 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو.پوليس موجب، شڪي ماڻهن تيل چوري ڪرڻ لاءِ 140 ميٽر سرنگ ٺاهي هئي.شڪي ماڻهو پنجاب ڏانهن ويندڙ نيشنل آئل ريفائنري لائن مان تيل چوري ڪري رهيا هئا.پوليس جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن رنگ ٺاهڻ لاءِ هڪ گودام اندر کوٽائي ڪئي هئي.دعويٰ ڪئي وئي آهي ته شڪي ماڻهن کان تيل چوري ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪلپس ۽ پائپ هٿ ڪيا ويا آهن ۽ سرنگ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار به هٿ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو