پوليس جي رپورٽ رد، لاپتا ماڻهن کي ڳولڻ جو حڪم

پوليس جي رپورٽ رد، لاپتا ماڻهن کي ڳولڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس ۽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ رد ڪندي گم ٿيل ماڻهن کي هر رخ کان ڳولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ دير سان داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي نه ڪرڻ تي جي آءِ ٽي اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جي آءِ ٽي سربراهه ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس سربراهه کي به طلب ڪري ورتو.عدالت چيو ته جي آءِ ٽي ۾ گم ٿيل ماڻهن جو پتو نه پيو پوي ته پوءِ اهو عمل بي سود آهي، رڳو عوام کي پريشان ڪري ٿو.ٿيندو ته ڪجهه به نه، جي آءِ ٽي جي 26 گڏجاڻين کانپوءِ به جيڪڏهن ان جو پتو نه پئجي سگهيو ته پوءِ سڀ ڪجهه بيڪار آهي.ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس جي رپورٽ رد ڪندي جي آءِ ٽي رپورٽ ٽن ڏينهن جي ٻڌڻي کانپوءِ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت گهرو ۽ بچاءَ واري وفاقي وزارت جي رپورٽ تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻي اهو ڪم نه هلندو، گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻو پوندو يا جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ٿيندي.گهرو وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گم ٿيل ماڻهو ڪنهن به وفاقي اداري جي حراستي مرڪز ۾ نه آهن.عدالت گم ٿيل ماڻهن کي هر رخ کان ڳولڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گم ٿيل نور زمان، حيدر، طلحه، خير الرحمان ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو