لياري ۾ گڏيل آپريشن، بابا لاڊلا گروپ جو گهربل جوابدار گرفتار

لياري ۾ گڏيل آپريشن، بابا لاڊلا گروپ جو گهربل جوابدار گرفتار

لياري)ن س) پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ ڊسٽرڪٽ سٽي پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي لياري جي علائقي افشاني گهٽي، ڪلاڪوٽ مان بابا لاڊلا ۽ اسماعيل افشاني گروپ جي انتهائي گهربل جوابدار سلمان عرف سلم عرف سلام کي گرفتار ڪري ورتو.رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار وٽان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.ترجمان ٻڌايو ته جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا براءِ تاوان، ڀتا خوري ۽ پوليس مقابلن جي ڪيترن ئي واقعن ۾ گهربل هو. سندس نالو سي ٽي ڊي جي ريڊ بڪ ۾ پڻ شامل آهي.ترجمان موجب جوابدار 2011ع ۾ لياري گينگ وار جي بابا لاڊلا گروپ ۾ شامل ٿيو هو ۽ شروعات ۾ منشيات فروشي ۽ پڪٽ ڊيوٽي ڪندو هو. جوابدار پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ مخالف گروپ تي گرنيڊ حملن ۽ پوليس تي فائرنگ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث رهيو. انهن حملن ۾ مخالف گروپ جا ماڻهو ۽ ڪيترائي واٽهڙو زخمي ۽ فوت ٿيا هئا. جوابدار خلاف ڪراچي ۽ اندرون سنڌ ۾ پوليس مقابلن سميت ٻين ڏوهن جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن. رينجرز ترجمان موجب ڪراچي آپريشن دوران گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ جوابدار پهريان بلوچستان ۽ پوءِ پرڏيهه فرار ٿي ويو هو. پرڏيهه مان فون ذريعي پنهنجن ساٿين سان رابطي ۾ رهندو هو ۽ ڪراچي ۾ ڀتا خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙن ڏوهن ۾ سهڪار ڪندو رهيو. جوابدار تازو ئي ڪراچي واپس آيو هو ۽ پنهنجي گروپ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. گرفتار جوابدار کي هٿيارن ۽ گولا بارود سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. رينجرز سنڌ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڏوهاري عنصرن بابت فوري اطلاع ويجهي رينجرز چيڪ پوسٽ، هيلپ لائين 1101 يا رينجرز مددگار واٽس ايپ نمبر 03479001111 تي ڪال يا ايس ايم ايس ذريعي ڏين. ترجمان موجب اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو