اعجاز ممنائي
سنڌ جي سياست ۾ ڪجهه آواز اهڙا آهن، جيڪي هر ڪجهه وقت کانپوءِ سنڌ جي وحدت، سنڌي قوم جي سڃاڻپ ۽ سنڌ جي تاريخي حقن تي حملو ڪندا رهن ٿا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جو نالو به انهن آوازن ۾ ورتو وڃي ٿو. گذريل ڏينهن سندس پريس ڪانفرنسن ۽ بيانن سنڌ اندر وڏي ڪاوڙ ۽ بيچيني پيدا ڪئي آهي. سنڌي قومپرست ڌرين، سول سوسائٽي ۽ عام سنڌين جو چوڻ آهي ته فاروق ستار جا بيان رڳو سياسي اختلاف نه، پر سنڌ ۽ سنڌين خلاف نفرت، شڪ ۽ ورهاڱي کي هٿي ڏيندڙ گفتگو آهي.فاروق ستار مسلسل چئي رهيو آهي ته سنڌ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن ۽ ان لاءِ آئين جي آرٽيڪل 48(6) تحت ريفرنڊم ڪرايو وڃي.جڏهن ته سنڌي ڌرين جو موقف آهي ته سنڌ هڪ تاريخي، جاگرافيائي ۽ ثقافتي اڪائي آهي، جنهن کي 1843ع کان اڳ به هڪ جدا حيثيت حاصل هئي.انتظامي يونٽن جو نعرو دراصل سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي پراڻي سازش جو نئون نالو آهي. جيڪڏهن مقصد انتظاميا بهتر ڪرڻ آهي ته پوءِ مقامي حڪومتن کي بااختيار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ نوان صوبا ٺاهڻ جي ضرورت ڇو ٿي پوي؟
فاروق ستار ڪراچي ۾ ڪڏهن به هزاريوال، ڪوٽي وال، پنجابي يا گلگتي کي غيرمقامي نه ٿو چوي، هي صرف دادو ۽ لاڙڪاڻي وارن کي غيرمقامي ٿو چوي.هن جو سافٽ ويئر اپڊيٽ ڪرڻ اسان سنڌي پنهنجو قومي فرض ٿا سمجهون. لاڙڪاڻو دادو نوابشاه سکر ميرپورخاص سميت سمورا شهر ۽ ڳوٺ سنڌ جي دل جا حصا آھن! ڪراچي سنڌين جو آھي، سنڌين جو رهندو۔ سنڌين جي نظر ۾، فاروق ستار انتظاميا جي نالي تي سنڌ جي وحدت تي سوال اٿاري ٿو، جيڪو سنڌي ماڻهن جي دل آزاري جو سبب بڻجي ٿو.28 نومبر 2026ع جي پريس ڪانفرنس ۾ فاروق ستار چيو ته پيپلز پارٽي کلم کلا سنڌو ديش ٺاهڻ ۽ پنهنجين پراڪسين جي سرپرستي ڪرڻ چاهي ٿي. هن اهو به چيو ته قومپرست جماعتون سنڌ حڪومت جي وڏيرن جون پراڪسيز آهن ۽ سنڌ حڪومت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته قومپرست جماعتون سندس ڪٺ پتليون آهن. سنڌي سياسي حلقن جو جواب آهي ته سنڌو ديش جو نعرو سنڌ جي وڏي اڪثريت جو نعرو ناهي. سنڌي ماڻهو پاڪستان جي آئين اندر پنهنجا حق، وسيلن تي اختيار ۽ سڃاڻپ جو تحفظ گهرن ٿا.فاروق ستار پاران هر سنڌي قومپرست کي ملڪ دشمن يا پراڪسي سڏڻ، لکين پرامن سنڌين جي توهين آهي.22 نومبر واري ريلي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه نعرا هنيا ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، پر ان کي بنياد بڻائي پوري سنڌي قوم کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ نفرت واري سياست آهي.سنڌين جو چوڻ آهي ته جيڪو ماڻهو پاڻ کي پاڪستاني ۽ آئيني سڏائي ٿو، اهو ٻئي قوم کي بار بار غداري جي سرٽيفڪيٽ ڪيئن ٿو ڏئي سگهي؟
فاروق ستار! ڪراچيءَ جي تاريخ کي پنهنجي سياسي ضرورتن مطابق نه پڙهو۔ڪراچي ڪڇين جي هئي؟هندن جي هئي؟ بلوچن جي هئي؟ اهو ٻڌاء ته ڪڇي ڪير هئا؟ ان جو جواب سنڌ جا رهواسي سنڌي هئا۔ هندو ڪير هئا؟ سنڌ جا رهواسي سنڌي هئا۔ بلوچ ڪير هئا؟ سنڌ جا رهواسي سنڌي بلوچ هئا۔ عيسائي ڪير هئا؟ سنڌ جا رهواسي سنڌي هئا۔ پارسي ڪير هئا؟ سنڌ جا رهواسي سنڌي هئا۔
اهي سڀ سنڌ جي تاريخي سماج جو حصو هئا، سنڌ جي ڌرتيءَ سان سندن تعلق هو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ سندن پنهنجو مقام هو۔مسلمان سنڌي ٿي سگهي ٿو، هندو سنڌي ٿي سگهي ٿو، عيسائي سنڌي ٿي سگهي ٿو، پارسي سنڌي ٿي سگهي ٿو، ڪڇي سنڌي ٿي سگهي ٿو ۽ بلوچ سنڌي ٿي سگهي ٿو. سنڌي سڃاڻپ ڪنهن هڪ مذهب، نسل يا ذات جي جاگير ناهي۔ پر فاروق ستار! هڪ سوال توهان کان به آهي. ڪڇي ڄاڻون، بلوچ ڄاڻون، هندو ڄاڻون، عيسائي ڄاڻون، پارسي ڄاڻون، مسلمان ڄاڻون؛ اهي اسان سنڌين جا پاڻ ۾ معاملا آهن. اسان جا تاريخي رشتا، سماجي تعلق ۽ گڏيل وطن جي سڃاڻپ آهي. پر توهان پناهگير هندستاني سنڌ جي تاريخي مالڪيءَ ۽ ڪراچيءَ جي سڃاڻپ تي سوال اٿارڻ وارا ڪير ٿيندا آهيو؟ ورهاڱي کان اڳ ڪراچي سنڌ جو شهر هو. سنڌي، ڪڇي، هندو، بلوچ، پارسي، عيسائي ۽ مختلف برادرين جا ماڻهو هن شهر ۾ آباد هئا. انهن جي موجودگي ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ نه ڪيو، بلڪه سنڌ جي تاريخي سماج جو حصو هئي. ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان آيل ماڻهن کي سنڌ پناهه ڏني، پنهنجو وطن ڏنو، زندگيءَ جا موقعا ڏنا، شهرن ۾ آباد ٿيڻ جو حق ڏنو. پر مهاجر هجڻ کي سنڌ جي تاريخي مالڪيءَ تي دعويٰ ڪرڻ جو جواز نٿو بڻائي سگهجي.
فاروق ستار! ڪراچي ڪنهن جي سياسي خواهش سان سنڌ کان الڳ نٿي ٿي سگهي. ڪراچيءَ جي تاريخ کي مٽائي نئين تاريخ لکڻ جي ڪوشش سنڌ جي تاريخي حقيقتن سان ناانصافي آهي. جيڪا قابل برداشت ناهي. سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي برابري، عزت ۽ حق حاصل آهن، پر سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ، جاگرافيائي وحدت ۽ آئيني حيثيت تي سوديبازي قبول ناهي.
سنڌ پناه ڏيندڙ ضرور آهي، پر سنڌ ڪنهن جي سياسي تجربن جي جاگير ناهي. ڪراچي سنڌ جو شهر هو، سنڌ جو شهر آهي ۽ سنڌ جو شهر رهندو. سنڌ جي تاريخ سنڌين جي آهي، سنڌ جي ڌرتي سنڌ جي آهي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ سنڌين جي آهي.
ايم ڪيو ايم 29 نومبر واري ريلي ملتوي ڪئي. فاروق ستار جو چوڻ هو ته ڪمشنر ڪراچي کين جمھوري حق کان محروم ڪيو ۽ جيڪڏهن منع ڪرڻو هو ته سڀني جماعتن کي منع ڪيو وڃي ها. ٻئي طرف سنڌي ڌرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ٽڪراءُ جي خطري سبب انتظاميا اهو فيصلو ڪيو.
– فاروق ستار ان فيصلي کي سنڌين خلاف سازش قرار ڏئي، هڪ انتظامي فيصلي کي لساني رنگ ڏنو.
– هو قومپرستن جي ريلي کي غيرقانوني ۽ پنهنجي ريلي کي جمھوري حق سڏي ٿو، جيڪو کليل تضاد آهي. سنڌي نوجوانن جو سوال آهي: جيڪڏهن سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو برابر آهي، ته پوءِ سنڌي قومپرستن کي ريلي جو حق ڇو نه آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي خاص رعايت ڇو گهرجي؟
فاروق ستار اڳ ۾ به چئي چڪو آهي ته ڪوٽا سسٽم ۽ تعليمي بورڊن ذريعي شهري نوجوانن سان ناانصافي ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ 70 سيڪڙو ٻار فيل ۽ اندرون سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاس ڪيا پيا وڃن. سنڌي ماهرن جو جواب آهي ته ڪراچي جي تعليمي مسئلن جو سبب سنڌي شاگرد نه، پر سسٽم جي خرابي، نقل، سياسي ڀرتيون ۽ بورڊن جي بدانتظامي آهي.اندرون سنڌ جا به لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، استاد نه آهن، عمارتون نه آهن. انهن کي به ساڳيو ڏک آهي. ڪوٽا سسٽم کي سنڌين خلاف سازش سڏڻ بدران، ميرٽ ۽ وسيلن جي منصفانه ورهاست جي ڳالهه ٿيڻ گهرجي.
سنڌين جي نظر ۾، شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ کي هڪ ٻئي جي سامهون بيهارڻ، سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ جي سڀ کان خطرناڪ سياست آهي. سنڌ جو ٻار، چاهي ڪراچي جو هجي يا لاڙڪاڻي، ٿر يا سکر جو، اهو سڀ سنڌي آهي.سنڌي ماڻهو فاروق ستار جي گفتگو کي نفرت آميز ان ڪري سمجهن ٿا جو هو سنڌين لاءِ وڏيرا، جاگيردار، پراڪسي، ڪٺ پتلي جهڙا لفظ استعمال ڪري ٿو.هو سنڌي قومپرستي کي غداري سان ڳنڍي ٿو. هو سنڌ جي وحدت کي انتظامي مسئلو بڻائي، ان جي تاريخي حيثيت کي گهٽائي ٿو. هو مهاجر-سنڌي فرق کي وڌائي، گڏيل سنڌي شهريت جي تصور کي ڪمزور ڪري ٿو.
سنڌ جي تهذيب هزارين سالن کان گڏجي رهڻ، رواداري ۽ مهمان نوازي جي تهذيب رهي آهي. ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي، مهاجر، پنجابي، پٺاڻ، بلوچ سڀ سنڌ جا شهري آهن. پر جڏهن ڪو اڳواڻ هڪ قوم کي ٻي قوم جي سامهون بيهاري ٿو، ته اهو سنڌ جي ان تهذيب تي حملو آهي.سنڌي ماڻهن جو مطالبو نفرت نه، پر انصاف آهي۔ انڪري سنڌ جي وحدت کي برقرار رکيو وڃي.ڪنهن به قوم کي غدار يا پراڪسي سڏڻ بند ڪيو وڃي. ڪراچي سميت پوري سنڌ کي پاڻي، تعليم، صحت، نوڪريون ۽ مقامي حڪومتون ڏنيون وڃن. سياسي اختلاف کي لساني نفرت ۾ نه بدليو وڃي. فاروق ستار ۽ سندس جماعت کي سنڌي عوام اهو پيغام ڏئي رهيو آهي: سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ بدران، سنڌ کي جوڙڻ جي ڳالهه ڪريو. سنڌين کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ بدران، سنڌين سان گڏجي سنڌ جي حقن لاءِ بيهو.جيڪڏهن سياست نفرت تي هلندي، ته نقصان سڀني جو ٿيندو. جيڪڏهن سياست محبت، برابري ۽ گڏيل سنڌي سڃاڻپ تي هلندي، ته سنڌ ئي نه، پورو پاڪستان مضبوط ٿيندو.










