ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بلوچ ڪالوني ويجهو ايڊمن سوسائٽي ۾ ڪريل عمارت جي ملبي مان وڌيڪ 6 لاش ڪڍيا ويا، جنهن کانپوءِ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 15 ٿي ويو. ريسڪيو ترجمان موجب عمارت جي ملبي مان هن وقت تائين 15 لاش ۽ 15 زخمي ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 2 گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي. پي ڊي ايم اي سنڌ جي مشينري ملبو هٽائڻ ۾ مصروف آهي.










