لاهور )ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پيٽرول پمپن جون مشينون ڪنٽرول ڪري پيٽرول جي مقدار ۾ گهٽتائي ڪرڻ وارو سائبر فراڊ پڪڙيو ويو. اين سي سي آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر عاطف امير ٻڌايو ته ايپ پيٽرول پمپ انتظاميا جي ڪنٽرول ۾ هوندي هئي، جنهن ذريعي 10 کان 30 سيڪڙو گهٽ پيٽرول ڀريو ويندو هو. ايپ ڊولپرز کي گرفتار ڪري 4 پيٽرول پمپ سيل ڪيا ويا، جڏهن ته مجموعي طور 14 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. سيل ڪيل 4 پيٽرول پمپن هڪ سال دوران 40 ڪروڙ رپين جو منافعو ڪمايو.










