ايس ٽي پي ريلي، سيڪيورٽي سخت، ٽرئفڪ جو متبادل پلان جاري

ايس ٽي پي ريلي، سيڪيورٽي سخت، ٽرئفڪ جو متبادل پلان جاري

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ ڊاڪٽر قادر مسگي جي اڳواڻي ۾ نڪرندڙ ريلي سبب انتظاميا پاران ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت، ٽريفڪ پوليس پاران متبادل ٽريفڪ پلان جاري ڪيو ويو . گورنر هائوس کان ميٽروپول تائين ڪنٽينر پهچايا ويا آهن، جڏهن ته ڦوهارا چوڪ وٽ ريلي سبب ٽريفڪ جي متبادل انتظامن جو اعلان ڪيو ويو آھي،ٽريفڪ پوليس موجب پي آءِ ڊي سي روڊ، عبدالله هارون روڊ ۽ ڀرپاسي جي رستن تي ٽريفڪ جو غيرمعمولي دٻاءُ رهڻ جو امڪان آهي.ٽريفڪ پوليس شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته پريشاني کان بچڻ لاءِ متبادل رستا اختيار ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو