ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي مان ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار نيو ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦر، اسٽريٽ ڪرائم ۽ لٽ مار جي وارداتن ۾ ملوث آهن. جوابدار شهرين کان ڦر ڪيل موٽرسائيڪلن جا پرزا کولي وڪرو ڪندا هئا. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن وٽان 2 پسٽل، گوليون، هڪ موٽرسائيڪل، 6 موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي. رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. درست ڪريو عنوان ۽ پهرين خبرجملن کي وڌيڪ صحافتي بڻايوٻئي خبر جي ٻولي هموار ڪريو










