ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ ندي ويجهو ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن جي فائرنگ ۾ عورت فوت ٿي وئي. عورت جي مڙس پوليس کي بيان ڏنو ته هو گاڏي ۾ وڃي رهيا هئا ته ڦوروئن ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ سندس زال فوت ٿي وئي. عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.










