راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڀارتي فوج جو بي بنياد پروپيگنڊا سندن مايوسي جو مظهر آهي ، ڀارتي پروپيگنڊا جو مقصد ڀارت جي اندروني تڪرارن ۽ والاريل ڪشمير سميت مختلف علائقن ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ بابت دشمن قوتن جي ارادن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ امن ۽ سلامتي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
جو مقصد ڀارت جي اندروني تڪرارن ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ آهي. ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت وزيراعظم جي بيان بابت به غور ڪيو ويو.










