سنڌ دشمن منصوبن خلاف ايس يو پي پران بک هڙتال

ڪراچي( رپورٽ شهزادو مستوئي )سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي بحريه ٽائون جي بربريت ، افغان پناهگيرن جي سنڌ ۾ آباد ڪاري سنڌ جي وسيلن تي والار ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن تي داخل ڪوڙن ڪيسن خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو 24 ڪلاڪن جي علامتي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز ساميٽو غلام مصطفيٰ چانڊيو امير آزاد پهنور منير نائچ ڊاڪٽر علي نواز گبول مخدوم شمس سميت سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي بحريه ٽائون انتظاميا هاڻي فرعون جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي جيڪا ڏينهنون ڏينهن ڌرتي ڌڻين جي رت پياسي بڻجي وئي آهي هاڻي مزاحمت کانسواءِ ٻيو رستو ناهي بچو سنڌ حڪومت اسٽيبلشمينٽ ۽ سنڌ دشمن قوتون هنن سان ٻٽ بڻيل آهن پر کين ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي حلالي پٽن پنهنجا سر قربان ڪري وقت جي هلاڪن، چنگيزن ترخانن ۽ ارغونن جو مقابلو ڪيو آهي ته انهن لاءِ ملڪ رياض آصف زرداري ۽ انهن جا ساٿاري ڪهڙي باغ جي موري آهن.ان موقعي تي  بحريه ٽائون سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي .ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو مخدوم شمس امير آزاد پهنور منير نائچ غلام مصطفيٰ چانڊيو فاروق ڀنگوار ايڊووڪيٽ فاروق احمد ڳورڙ ايڊووڪيٽ صداقت علي ڳورڙ ڊاڪٽر علي نواز گبول اصغر کوسو لياقت سومرو ڏاڏو محمد علي بوزدار فيض هيسباڻي ۽ ٻين چيو ته بحريه ٽائون مسلسل سنڌ جي قيمتي زمينن تي والار ڪري رهيو آهي پر سنڌ حڪومت سندن ٻٽ بڻيل آهي هنن چيو ته سنڌ جي هر هڪ قدرتي وسيلي تي ملڪ جون ڳجھون قوتون قابض ٿي چڪيون آهن جيڪي هٿ وٺي ملڪ جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿيون هنن چيو ته سنڌ 5 هزار سال کان وڌيڪ تاريخ رکندڙ پرامن سرزمين تي افغاني بنگالي بيهاري آباد ڪري سنڌن کي پنهنجي زمين تي اقليت ۾ تبديل ڪري بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن کي سنڌ جا غيرتمند ڌرتي ڌڻي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا هنن وڌيڪ چيو ته بحريه ٽائون سنڌ جي قديم ماڻهن لاءِ فرعون بڻجي چڪو آهي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ساه جي آخري تند تائين سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو