وڄ ڪرڻ سبب کوهه تان پاڻي ڀريندي 2 عورتون فوت 2 زخمي

مٺي(رپورٽر) ٿرپارڪر ۾ برسات جو سلسلو جاري آھي. تعلقي مٺي جي ڳوٺ سوڀارو شاه ۾ کوه مان پاڻي ڀرڻ دوران وڄ ڪرڻ سبب 2 عورتون فوت ۽ چار عورتون زخمي ٿي پيون. وڄ ڪرڻ سبب لالا زال ڪرنو عمر 40 سال ذات ڀيل ۽ گڏي ڌي لڇمڻ عمر 17 سال  ڀيل  فوت ٿي ويون.  جڏھن ته چار عورتون زخمي ٿي پيون جنهن کي سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ انهن جو علاج هلندڙ آھي. ڳوٺاڻن موجب عورتون کوه تي پاڻي ڀرڻ لاءِ موجود هيون ته مٿان وڄ ڪري جنهن جي نتيجي ۾ هي واقعو پيش آيو آھي. ٻئي پاسي مٺي جي مختلف هربوسر، روهيڙو ۽ ٻين ڳوٺن جي بجلي ڏھن ڏينهن کان غائب، ڳوٺاڻا پريشان، برسات ۽ ٻيا بهانا بڻائي واپڊا وارا بجلي بند ڪريو ڇڏين وري منٿن سان ئي کولين ٿا. ڳوٺاڻن ربڏنو ساند، محمد صالح ساند، مولوي محمد اسلم ساند، برڪت علي ساند ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته برسات جي وسڻ جو امڪان هجي يا ٿوري ئي برسات وسي ٿي ته اسان جي ڳوٺن جي مختلف بهانا بڻائي واپڊا وارا بجلي بند ڪريو ڇڏين ٿا. هينئر به ڏھن ڏينهن کان بجلي بند آھي پر ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي اسان بجلي نه هجڻ جي هن هيڏي گرمي ۾ پريشان آھيون، راتيون به انڌيري ۾ گذاري رهيا آھيون. سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ ٽنڊو باگو، گولاڙچي ۽ ٻين شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جاري آهي، بجلي بند آهي شهرن ۾ روڊن رستن تي پاڻي بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو