’اِي وِي اَيم‘جو بل منظور ڪرڻ نه ڏينداسين، نون ليگ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) اعلان ڪيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين يعني ’اِي وِي اَيم‘ استعمال ڪرڻ بابت بل پارليامينٽ مان منظور ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙو اعلان خواجا سعد رفيق ۽ مريم اورنگزيب گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هنن چيو ته  اي وي ايم ذريعي چونڊن کي ڪير به نه مڃيندو ۽ ڪير به اسيمبلي ۾ نه ويهندو، هاڻي به قومي اسيمبلي ۾ ميمبرز جي اڪثريت جعلي آهي، هنن پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪمران اي وي ايم جو ترميمي بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ملڪ کي ٻرندڙ جبل جي ڪناري تي نه آندو وڃي، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن تي حملي آور ٿي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام لڳائڻ افسوسناڪ عمل آهي،  چونڊون ڪرائڻ  حڪومت نه، پر  اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، حڪومت نادرا کي ملوث ڪري عام قانون ذريعي اليڪشن ڪميشن جا آئيني اختيار ختم ڪرڻ گهري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو