اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ريلوي جي وفاقي وزير اعظم سواتي آئيني اداري اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام هڻندي جمهوريت جي تباهي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. تاج حيدر جي سربراهي ۾ سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ الزامن بعد اليڪشن ڪميشن جا نمائندا بائيڪاٽ ڪري هليا ويا. پيپلز پارٽي جي مصطفيٰ نواز کوکر ۽ اعظم سواتي ۾ گرما گرمي ۽ جملن جي ڏي وٺ. ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اليڪشن ڪميشن جي نمائندن اعتراض ڪيو ۽ خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سوال ڪيا ته وفاقي وزير چڙي پيو. اعظم سواتي چيو ته ’اليڪشن ڪميشن پيسا پڪڙيا آهن، سدائين ڌانڌلي ڪندي آهي، توهان جهنم ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو‘. پارلياماني مامرن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران اعظم سواتي طرفان اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام ھنيا ويا. وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن کي جمهوريت تباهه ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي ملازمن طرفان احتجاج طور اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيوويو. اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي جائزي دوران بابر اعواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته مشين ڪهڙي هجڻ گهرجي، اُن سان حڪومت جو ڪوبه واسطو نه آهي، اليڪشن ڪميشن اعتراض نه، پر سفارشون ڏئي سگهي ٿي. بدمزگي سبب ڪاروائي ڪجهه دير لاءِ معطل ڪئي وئي. مريم نواز چيو ته اسين ادارن ۾ ويٺل چند غلط ڪم ڪندڙن خلاف ڳالهائيندا آهيون ته هنگامو ڪيو ويندو آهي، هي پوري آئيني اداري کي ڪرپٽ ٿا چون پر ڪو پڇڻ وارو ناهي. مصطفيٰ نصاز کوکر چيو ته عمران خان جي حڪومت اختلاف ڪرڻ وارن تي گهٽيا الزام بازي جو سلسلو شروع ڪيو آهي، اي وي ايم تي اليڪشن ڪميشن جي جائز اعتراضن جا جواب نه ڏيڻمان ظاهر آهي ته هو ڪيترا هلڪڙا ماڻهو آهن، هن چيو ته آئيني اداري تي الزامن جا ثبوت پيش ڪريو يا معافي وٺو هي سنگين مسئلو آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي سربراهه هنگامي اجلاس گهرائي ورتو آهي.
مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان
پرڏيهه ۾رهندڙ پاڪستاني سمورا ٽيڪس ادا ڪندا آهن
سنڌ حڪومت هاڻي انٽر سٽي بس سروس شروع ڪندي
گوگل چيٽ ۾ وائس ميسيج متعارف
صدر سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ٻه طرفن معاملن بابت ملاقات
دوداپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان گوليون هڻي ڀيڻ قتل
ذخيرا گهٽ ۽ مهانگي گيس خريدڻ سبب اگهه وڌايا ويا
انوار الحق ڪاڪڙ ۽ ايمل ولي بلوچستان مان سينيٽر منتخب
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
پيٽروليم شين تي وڌيڪ ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز
سنڌ مان سينيٽ جي 12 سيٽن لاءِ اميدوارن جي لسٽ جاري
پي ٽي آءِ جي 11 اڳواڻن کي جيل ۾ خان سان ملاقات جي اجازت
ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي شڪايت لاءِ هيلپ لائن بحال
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل